عبدالحڪيم عطا ٺٽوي

عبدالحڪيم عطا ٺٽوي: عبدالحڪيم عطا اٽڪل سن 1040هه/1630ع ڌاري (شاهجهان جي دور ۾ 1037هه/1628ع کان 1069هه/1666ع) ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ۽ وڏو ڀاءُ عالم، فاضل ۽ شاعر هئا. تعليم کان فارغ ٿيندي ئي عبدالحڪيم شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پاتو. سنڌ جو مانائتو تاريخدان ۽ تذڪره نگار مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”ٺٽي جي گورنر نواب مظفر خان (1063هه/1652ع-1069هه/1658ع) پنهنجي سرپرستيءَ ۾ هن جي شاعرانه ذوق جي آبياري ڪئي. عبدالحڪيم جي شاعريءَ جو آغاز 1060هه/1649ع ۾ ٿئي ٿو. هن پنهنجي ڪلام ۾ ”عطا“ تخلص ڪتب آندو. عبدالحڪيم ”عطا“ ڪلهوڙن جي دور ۾ 1140هه/1727ع ڌاري وفات ڪئي. عبدالحڪيم ”عطا“ فارسي گو شاعر هو پر سندس ڪجهه اردو شاعري به ملي ٿي. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”عطا جي شاعريءَ جا ٻه ٽي ديوان ۽ ٽي مثنويون آهن.“ پر رڳو سندس ٻه ڪتاب (1) ”هشت بهشت“ ۽ (2) ”ديوانِ عطا“ ملي سگھيا. سندس ڪلام جو مجموعو ”ديوان عطاسنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو، ان مجموعي ۾ ٽي سو غزل، اٽڪل هڪ سو رباعيون، ترجيح بند، مخمس ۽ 141 شعرن تي مشتمل هڪ ساقي نامو آهي. فارسي ٻوليءَ کان سواءِ عطا جو ڪجهه ڪلام اردوءَ ۾ به مليو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي نه صرف فارسيءَ جو سٺو شاعر هو پر اردوءَ جو به چڱو شاعر هو. سنڌ ۾ اردو شاعريءَ جو عطا پهريون شاعر ليکيو وڃي ٿو. عطا ٺٽويءَ کي پنهنجي سخن سنجيءَ تي ناز هو. ڊاڪٽر وفا راشدي سندس شاعريءَ جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”هن فارسي ۽ اردو جي طرزِ سخن کي گھڻو ويجھو آندو. فارسي غزل وانگر اردو غزل ۾ به حسن ۽ عشق جو تاثر ملي ٿو.“
عطا ٺٽويءَ جي شاعري تاريخي لحاظ کان گھڻي اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعريءَ ۾ ڪيترائي تاريخي واقعا ۽ احوال قلمبند ٿيل آهن. عطا پنهنجي شاعريءَ ۾ ٺٽي جي حالت زار ۽ ٺٽي جي ماڻهن جي هجو به لکي آهي. حقيقت ۾ انهن نظمن ۾ عطا پنهنجو پاڻ کي مٿانهون سمجھندي ۽ پيش ڪندي، ٺٽي جي ماڻهن جي عظيم (سنڌي) ٻوليءَ تي طنز ڪئي آهي. سندس اهڙن نظمن مان ڪيني، بغض ۽ نفرت جو اظهار ٿئي ٿو. عطا ٺٽوي جي شاعريءَ ۾ حاڪمن کي مختلف مقصدن لاءِ سفارشون ڪيل آهن. حقيقت ۾ عطا سدائين درٻاري شاعر رهيو. سيد مطيع الله راشد برهانپوري ”ديوان عطا“ جي مقدمي ۾ مير شير علي قانع جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”نواب مظفر خان، عطا ٺٽويءَ کي تربيت ڏئي سندس شاعريءَ ۽ سخنوريءَ جي ذوق کي پنهنجي سرپرستيءَ هيٺ وڌايو ۽ ويجھايو. يعني پليو ۽ اُسريو درٻاري ماحول ۾ هو. هن سدائين مغل حاڪمن ۽ انهن جي گورنرن کي خوش ڪرڻ لاءِ ثنا خواني ڪئي. اهڙي ثنا ڀري شاعري ڪندي هن ڪيترائي قصيدا لکيا. بهادر شاهه جي تخت نشينيءَ کانپوءِ 1119هه/1707ع ۾ جڏهن نواب سعيد خان ٺٽي جو صوبيدار مقرر ٿي آيو ته عطا هڪ ڊگھو فرياد (نظم) پيش ڪندي، هن جي آجيان ڪئي. مطلب ته عطا جي غربت ۽ مسڪينيءَ يا ذهني غربت کيس درٻاري ۽ حاڪمن وٽ پاڻ وڻائيندڙ شاعر بڻايو هو. پر هن پنهنجي جنم واري شهر (ٺٽي) ۽ اتي جي ماڻهن سان به نه نباهيندي، انهن جي خلاف نظم لکيا. اهڙيءَ ريت هن پنهنجي مهربانن کي خوش رکڻ لاءِ عظيم صوفي بزرگ شهيد شاهه عنايت جي مخالفت ۾ شاعري ڪري، شاهه شهيد سان نفرت ۽ ظالم حاڪمن جي حمايت ڪئي. ”ديوان عطا“ جو مرتب سيد محمد مطيع الله راشد برهانپوري به پنهنجي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: ”عطا جي ڪلام مان معلوم ٿئي ٿو ته عطا، شاهه عنايت جي خلاف اٿاريل پروپيگينڊا کان متاثر هو ۽ سندس مخالف هو. هڪ اردو غزل ۾ هن فقيرن جي فراغت سان حياتي گھارڻ تي طنز ڪندي، کين عنادي سڏيو آهي.“


لفظ عبدالحڪيم عطا ٺٽويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1630.00.00  عيسوي

عبدالحڪيم عطا اٽڪل سن 1040هه/1630ع ڌاري ( شاهجهان جي دور ۾ 1037هه/1628ع کان 1069هه/1666ع ) ٺٽي ۾ پيدا ٿيو


1727.00.00  عيسوي

عبدالحڪيم ” عطا “ ڪلهوڙن جي دور ۾ 1140هه/1727ع ڌاري وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم خليل ڊاڪٽر
اندرا شبنم
ذلف علي فقير
شيخ پراڙ
ثنائي مشهدي
علي ناصر ڌاريجو
نظر سنڌي
الطاف عباسي
منشي ٻالچند
آسو رام
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون